اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني جي بلنڪن سان پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي ۽ متاثر علائقن جي بحالي سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن گذريل ڏينهن ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ ٻط??فن لاڳاپن، افغانستان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. بيان موجب ٻنهي ط??فن ٻط??فن لاڳاپن جي مثبت انداز تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ وسيع البنياد ايجنڊا تي عمل پيرا ٿيڻ جي گڏيل خواهشن کي ??رجايو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۾ بوڏ کانپوءِ 97 ملين ڊال?? جي انساني امداد فراهم ڪرڻ تي آمريڪي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني جي بلنڪن کي ??اڪستان پاران بحالي ۽ متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمي?? جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن آمريڪي پرڏيهي وزير کي 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ پاڪستان جي بحالي ۽ نئين سر تعمي?? جي لاءِ ڪيل ڪوششن ۾ تعاون جي لاءِ منعقد ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس بابت پڻ آگاهه ڪيو. آمريڪي پرڏيهي وزير ان موقعي تي پاڪستان کي ٻ??ڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمي?? جي چئلينج کي ??نهن ڏيڻ ۾ آمريڪي انتظاميا جي مسلسل حمايت کي ??رجايو.