اسلام آباد– 23 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪ??ي وزير حنا رباني کر مراڪش جي شهر فينز ۾ منعقد ٿيندڙ گڏيل قومن جي تهذيبن جي اتحاد (يو ا??ن اي او سي) جي نائين عالمي فورم جي موقعي تي پرتگال جي پرڏيهي وزير جوائو ڪراوينهو سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ پرتگال جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. مملڪ??ي وزير ۽ پرتگالي پرڏيهي وزير گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.