اسلام آباد– 15 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز ش??يف کي ڪورونا ٿي ويو. اها ڳالهه اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌائي. هن ٻڌايو ته ٻن ڏينهن کان وزيراعظم جي طبيعت خراب هئي، ڊاڪٽر جي مشوري سان ڪورونا ٽيسٽ ڪرائي جيڪا پازيٽو آئي. هن عوام ۽ ڪارڪنن کي وزيراعظم جي جلد صحتيابي لاءِ دعا جي اپيل ڪئي.