اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ڪاري ??ينهن جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دنيا جي ڪا به طاقت ڪشمير ڪاز کي دٻائي نه ٿي سگهي، هي سفر ڪشمير جي آزادي تي ئي ختم ٿيندو. ڪشمير جي حوالي سان ڪاري ??ينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغ??م ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 75 سال اڳ اڄ جي ڏينهن ظالم ڀارتي فوج غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي قبضو ڪيو هو، جتي هاڻي 10 ڪشميرين تي هڪ ڀارتي فوجي مڙهيل ??هي. هن چيو ته پ??ڪس??ان 7 ڏهاڪن کان جاري ??شميري عوام جي آزادي جي سفر ۾ شيهي جي ديوار وانگر انهن سان گڏ بيٺل ??هي. هن چيو ته آزادي جي جدوجهد ۾ جهڙي طرح ڪشميرين قربانيون ڏنيون، ان جو مثال ملڻ مشڪل ??هي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪشميرين ثابت ڪري ??ڏيو آهي ته ڀارت طاقت جي وحشياڻي استعمال سان انهن جي حريت جي جذبي کي ڪمزور نه ٿو ڪري سگهي. پ??ڪس??ان ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هن عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته اها والاريل ڪشمير ۾ معصوم ڪشميرين جي خلاف انساني حقن جي خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي.