??سل??م آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي سال 2020 – 2015ع بابت صدارتي اقبال ايوارڊز جي منظوري ڏئي ڇڏي. محمد اڪرم چغتائي کي ??ردو زبان ۾ ”اقبال ۽ جرمني“ جي عنوان تي شايع ٿيندڙ ڪتاب تي اقبال ايوارڊ عطا ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊا??ٽر عبدالخالق کي ??نگريزي زبان ۾ اقباليات تي ڪتاب ”علامه اقبال، خودي ۽ ٻين تصورن“ تي اقبال ايوارڊ عطا ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني. صدر غوث بخش صابر کي ??لوچي زبان ۾ اقباليات تي ڪتاب لکڻ تي صدارتي اقبال ايوارڊ عطا ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني. صدر ايوارڊز جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 48 هڪ ۽ اقبال اڪيڊمي آرڊيننس 1962ع تحت ڏني. صدر اقبال اڪيڊمي پاڪ??تا?? جو پيٽرن ان چيف (سرپرست اعليٰ) آهي.