اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻوڏ ??ٽي?? علائقن جو جائزو وٺڻ لاءِ ملڪ گير دورا ڪري رهيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اڄ خميس ڏينهن ڏکڻ پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ ??ٽي?? علائقن جو دورو ڪندو. صدر کي ڊيره غازي خان، نصيرآباد ۽ سک?? ۾ ??وڏ جي صورتحال تي بر??فن?? ڏني ويندي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻوڏ ??ٽي?? علائقن جو فضائي جائزو وٺندو. صدر رليف ڪئمپن جو دورو ڪندو، ٻوڏ ??ٽي??ن سان ملاقات ڪندو. صدر ٻوڏ متاثرين کي سهولتن جي فراهمي ۽ انهن کي درپيش مسئلا ڄاڻڻ جي لاءِ انهن سان ملاقاتون ڪندو. گذريل ڏينهن صدر خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ متاثرين جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ ڪرڻ واري ڪوششن جو جائزو وٺڻ لاءِ دورو ڪيو هو. صدر قوم ۽ عالمي برادري کي ٻوڏ متاثرين جي دل کولي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي. صدر ايندڙ ٻوڏ کان بچاءُ ۽ ٻوڏ متاثرين جي تيز تر بحالي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو هو.