اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) اطلاع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته شوڪت ترين آخرڪار اعتراف ڪري ئي ورتو ته عمران خان چئن سالن جي حڪومت ۾ 20 هزار ارب رپين جو قرض ورتو جيڪو پاڪستان جي تاريخ ۾ ورتل مجموعي قرض جو 76 سيڪڙو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهڙا ڪيترائي اعتراف اڃا عمران صا??ب کي ڪرڻا آهن. سندس چوڻ هو ته عمران صا??ب جي آءِ ايم ايف سان سخت شرطن تي معاهدو ڊالر 115 مان 189 رپين تي وٺي وڃڻ، بيروزگاري ۽ معاشي تباهي جي ظلم کانسواءِ قيراط، خير??ت ۽ ڪرپشن جي ثمرن جو اعتراف به جلد ٿيندو.