اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب جوهري ڌماڪن جي سالگرهه تي قوم، قيادت ۽ سائنسدانن کي مبارڪباد پ??ش ڪندي چيو آهي ته تڪبير جو ڏهاڙو تاريخ جو سنهري ۽ يادگار ڏينهن آهي، جڏهن پاڪستان اعلان ڪيو ته ان کي ڪير به غلام نٿو بڻائي ??گهي، يوم تڪبير اعلان هو ته پاڪستان آزاد ٿيو، آزاد آهي ۽ آزاد رهندو. تڪبير جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وز??ر ذوالفقار علي ڀٽو کان نواز شريف تائين سڀني اڳواڻن کي سلام پيش ڪندي چيو ته شهيد ڀٽو ايٽمي پروگرام جو بنياد رکيو جڏهن ته نواز شريف ان جي پڄاڻي ڪئي، نواز شريف دنيا تي ثابت ڪيو ته اسان کي خريد نٿو ڪري سگهجي نه ئي ??هڪائي ??گهجي ٿو. هن چيو ته جوهري پروگرام جو تسلسل پاڪستان جي پنهنجي دفاع لاءِ ڪو ٺاهه نه ڪرڻ جو تاريخي ثبوت آهي. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته جوهري پروگرام کي ٺاهڻ، پروان چاڙهن ۽ ان جو عمل مظاهرو ڪرڻ وارو هر ماڻهو قوم جو هيرو آهي جنهن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته وز??راعظم شهباز شريف تڪبير جي ڏهاڙي تي 10 ڏينهن تقريبن جو اعلان ڪيو آهي، اتحاد جي جذبي سان اها خوشي ملهائينداسين، اطلاعات واري وفاقي وز??ر ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان جي آزادي، خودمختياري ۽ قومي مفادن تي ڪو ٺاهه نه ٿيندو، هن چيو ته تڪبير جي ڏهاڙي جي موقعي تي وز??راعظم شهباز شريف جو ميثاق معيشت جو اعلان پاڪستان کي حقيقي معاشي آزادي ڏيارڻ طرف تاريخي قدم آهي، هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان ايٽمي پروگرام جي معمار ڊاڪٽر عبدالقدير خان مرحوم ۽ ان جي ٽيم ۽ سڀني سياستدانن کي سلام پيش ڪريون ٿا.