ڪراچي – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ ترڪ ل??ڳا??ن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جو آغاز ٿي ??يو آهي، ٻئي ملڪ هر مشڪل گهڙي ۾ هڪ ٻئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو، پي اين ايس بدر پاڪستان ۽ ترڪي ??ي سهڪار جو بهترين مثال آهي، جلد پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ترڪي ??و وڏو حصو هوندو، سي پيڪ منصوبو علائقائي رابطن جي فروغ لاءِ نهايت اهم آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي شپ يارڊ اينڊ انجنيئرنگ ورڪس ۾ پاڪ بحريه جي ٽئين ملجم ڪلاس ڪارويٽ بحري جهاز پي اين ايس بدر جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. بحري جهاز ترڪي ??ي ايم ايس اسفات جي تعاون سان ڪراچي شپ يارڊ ۾ تيار ڪيو ويو آهي. ويراعظم چيو ته ان تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، پاڪ بحريه جي سربراهه، ترڪي ڪمپني ۽ شپ يارڊ جي عملي کي ان عظيم ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته پي اين ايس بدر پاڪستان ۽ ترڪي ??ي سهڪار جو بهترين مثال آهي، پاڪ ترڪ ل??ڳا??ن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جو آغاز ٿي ??يو آهي، ترڪي ??ي صدر رج?? طيب اردوان پاڪستان جو ڀاءُ ۽ دوست آهي ۽ هو پاڪستان ڪاز جو وڏو حامي آهي، سندس دور ۾ ٻطرفي ڀائراڻي ل??ڳا??ن کي استحڪام حاصل ٿيو آهي ۽ اسان جا ل??ڳا??ا پرڏيهي پاليسي سان جهاز سازي ۽ ٽرانسپورٽ کان صحت جي شعبن تائين پکڙجي ويو آهي ۽ ٻطرفي ل??ڳا??ن کي گڏيل فائدي لاءِ اسان عظيم بلندين تائين وٺي وينداسين. پي اين ايس بدر جي لانچنگ سان پاڪ ترڪ ل??ڳا??ن ۾ نئين دور جو آغاز ٿي ??يو آهي، پاڪستان ۽ ترڪي هڪ قوم آهن جيڪي ٻن مختلف ملڪن ۾ رهن ٿيون، ڪورونا دوران جهاز جي تياري ٻنهي ملڪن جي وڏي ڪاميابي آهي ۽ پاڪ بحريه ۽ ترڪي ??ي ڪمپنين جي وچ ۾ تعاون سان اسان جا ل??ڳا??ا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا ۽ اسان ترڪي ??ي مهارت ۽ ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻنداسين. پاڪستان جي ڊگهي ساحلي پٽي آهي، واپاري ۽ صنعتي سرگرمين کي فروغ ڏئي اسان اڳتي وڌي سگهون ٿا. هن چيو ته سي پيڪ منصوبو علائقائي رابطن جي فروغ لاءِ نهايت اهم آهي ۽ گوادر ان جو مرڪز بڻجي رهيو آهي، سي پيڪ کي ترڪي ??ائين سگهه ڏئي سگهجي ٿي، جنهن سان علائقي جي ماڻهن کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي ??ي عوام جي فائدي لاءِ دفاع، پرڏيهي پاليسي ۽ صحت جي شعبن ۾ گهڻ رخو تعاون نئين بلندين کي ڇهي رهيو آهي، پي اين ايس بدر جي لانچنگ سان ڪراچي پورٽ ۽ قاسم پورٽ ۾ ميري ٽائيم سرگرميون وڌنديون جنهن سان مالياتي ۽ صنعتي ترقي کي فروغ ملندو، اهو سنگ ميل عبور ڪرڻ تي پاڪ بحريه جي سربراهه، سندس ٽيم ۽ دفاع واري وزير جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، پاڪستان جي حڪومت ملڪ ۾ اقتصادي رابطا وڌائڻ لاءِ بنيادي ڍانچي کي سگهه ڏئي رهي آهي، ترڪي ??ان تعاون جا مثبت اثر پوندا، ترڪي ??ان ننڍي کنڊ جي مسلمانن جا ل??ڳا??ا قيام پاڪستان کان پهرين جا آهن ۽ جلد پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ترڪي ??و وڏو حصو هوندو. هن چيو ته ترڪي 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي ٻوڏ جي تباهڪارين کانپوءِ پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي ۽ صدر رج?? طيب اردوان ۽ سندس گهرواريءَ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو به ڪيو هو ۽ ترڪ خاتون اول متاثرين لاءِ هار جو عطيو به ڏنو، اهو اسان جي تاريخ جو يادگار لمحو آهي جنهن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، ان موقعي تي وزيراعظم ڪراچي شپ يارڊ اينڊ انجنيئرنگ ورڪس جي عملي لاءِ 10 ڪروڙ روپين جو به اعلان ڪيو. پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل امجد خان نيازي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي ??ي وچ ۾ دفاعي ل??ڳا??ا فروغ وٺي رهيا آهن، پاڪ بحريه ملڪي ??فاعي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي، قومي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ ڪراچي شپ يارڊ جو اهم ڪردار آهي، ان موقعي تي ترڪي ??ي صدر رج?? طيب اردوان جو پيغام به پڙهي ٻڌايو. هن خاطري ڪرائي ته ترڪي پاڪستان سان عسڪري تعاون کي فروغ ڏيندو، ترڪي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تاريخي ل??ڳا??ن جو زڪر ڪندي هن چيو ته اهو منصوبو ٻنهي ملڪن جي مضبوط ۽ مستحڪم ل??ڳا??ن ۽ تعاون جو هڪ وڏو مثال آهي، پاڪستان جاگرافيائي بيهڪ جي لحاظ کان ڏکڻ ايشيا جو اهم ملڪ آهي ۽ پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوام جي اسان جي ويجهو وڏي اهميت آهي، هن چيو ته ان منصوبي تحت ٻيو بحري جهاز سيپٽمبر ۾ استنبول ۾ لانچ ڪيو ويندو، ان موقعي تي ترڪي ??ي دفاع واري وزير هولوسي آقار چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي ??ا ل??ڳا??ا هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي ??يا آهن، پي اين ايس بدر پاڪ بحريه جي دفاعي صلاحيت کي مضبوط بڻائڻ ۽ علائقي ۾ امن ۽ استحڪام ۾ مددگار ثابت ٿيندو، اهو جهاز جديد ٽيڪنالاجي سان ليس آهي، 2023ع، 2024ع ۽ 2025ع ۾ وڌيڪ بحري جهاز به لانچ ڪيا ويندا، هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي تي دارومدار دنيا ۾ وڌندو پيو وڃي، اسان جي دفاعي صنعت اعليٰ معيار رکندڙ آهي، ترڪي ??ي عوام پاڪستان کي وڏي اهميت ڏي ٿي ۽ اسان جي گڏيل ل??ڳا??ن جي نوعيت ٻين ملڪن کان مختلف آهي، ٻئي ملڪ هر مشڪل گهڙي ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي ۽ صدر رج?? طيب اردوان جي قيادت ۾ ترڪي هر شعبي ۾ ترقي ڪئي آهي، اميد آهي ته ٻئي ملڪ اهڙن وڌيڪ منصوبن تي به ڪم ڪندا جنهن سان ٻنهي ملڪن جي دوستي ۽ پاڪستان جي دفاعي قوت ۾ اضافو ٿيندو.