اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وفاقي گهرو وز??ر راڻا ثناءُ الله عمران خان جي ڪال رد ڪرڻ تي عوام جا ٿورا مڃيا آهن ته اها گهرن ۾ رهي ۽ فتني مارچ جو حصو نه بڻي، پنجاب ۾ ڪٿي به ??جه?? سئو کان وڌيڪ ماڻهو نه نڪتا، عمران خان جي مقبوليت جو تاثر پنهنجي موت پاڻ مري ويو، خيبرپختونخواهه جي سرڪاري وسيلن سان ٽي کان چا?? هزار جو هٿياربند جٿو اسلام آباد تي يلغار ڪرڻ چاهي ٿو، جلسي ڪرڻ جي اجازت آهي، فساد نه پکيڙڻ ڏينداسين، چا?? سال معاشي تباهي مچائيندڙ هاڻي لانگ مارچ سان باقي ڪسر ڪڍي رهيا آهن. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي گهرو وز??ر چيو ته عمران خان جي دعويٰ 20 لک ماڻهن کي آڻڻ جي هئي، پوءِ 30 لک ماڻهن جي دعويٰ ڪئي وئي پر رڳو خيبرپختونخواهه مان ٽي کان چا?? هزار ماڻهو نڪتا، پنجاب مان بتي چوڪ ۽ هڪ جڳهه تي اڍائي سئو جي لڳ ڀڳ ماڻهن جو قافلو هو جيڪو معزز عورت ميمبرن جي گرفتاري جي پاڻمرادي دعويٰ ڪندي واپس هليو ويو ۽ پنجاب جي عوام فتني فساد مارچ جو حصو بڻج?? کان انڪار ڪري ڇڏيو، اهڙي طرح بلوچستان ۽ سنڌ جي عوام به فتني فساد مارچ جو حصو نه بڻي. هن چيو ته فتني فساد جو حصو نه بڻجڻ تي پنجاب جي عوام جا ٿورائتا آهيون، جيڪي ??جه?? سئو ان فساد جو حصو بڻيا آهن انهن کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي قوم کي ورڇ ڪرڻ جي ايجنڊا کان پري رهن ۽ ان جو حصو بڻج?? کان انڪار ڪري ڇڏين. هن چيو ته خيبرپختونخواهه مان سرڪاري پروٽوڪول ۽ سرڪاري سرپرستي ۾ ڪرين ۽ هٿيارن سان ليس ٽي کان چا?? هزار ماڻهن جو جٿو وفاق تي چڙهائي جي نيت سان نڪتو آهي، انهن جو اهو مارچ غيرآئيني ۽ غيرقانوني آهي، حالت اها آهي ته عوام رستن تي سخت گرمي ۾ خوار ٿي رهي آهي ۽ نام نهاد انقلابي پاڻ هيلي ڪاپٽر ۽ وڏين وڏين گاڏين ۾ سوار آهن، انقلابي مارچ جو منظرنامو ڏسي انهن کي گهرجي ها ته اهي پاڻ فيصلو ڪن ته ملڪ جي نظام کي خراب نه ڪنداسين.