اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ ڪراچي يونيورسٽي ڌماڪي جي نتيجي ۾ چيني رهواسين جي ??ان?? نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو، پورو پاڪستان پنهنجي چيني ڀائرن سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. راجا پرويز اشرف چيو ته پاڪ چين دوستي تي حملو ٿيو آهي، پاڪستان دشمن جو تعاقب ڪندو، دهشتگرد پنهنجي ڪڌن مقصدن ذريعي پاڪ چين اقتصادي لنگهه من??وب?? کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پاڪستان عظيم دوست چين سان پنهنجي سدابهار، لازوال دوستي تي آنچ اچڻ نه ڏيندو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته چيني رهواسين جي سيڪيورٽي لاءِ هر ممڪن وسيلن کي استعمال ۾ آندو ويندو، پاڪستاني عوام چيني رهواسين جي مارجڻ تي ڏکويل آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيني سفارتخاني ۾ مهمانن جي لاءِ رکيل ڪتاب ۾ چيني رهواسين جي ??ان?? نقصان تي چين جي حڪومت ۽ عوام سان همدردي جو اظهار ڪندي پنهنجا تعزيتي تاثر قلمبند ڪيا.