اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارلياماني سروسز جو دورو ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو پيپس بورڊ آف گورنر جي صد??رت سنڀالڻ کانپوءِ اداري جو پهريون دورو هو. ان موقعي تي پيپس جي ايگزيڪيوٽو محمد انور اسپيڪر کي ادارو قائم ڪرڻ جي مقصدن ۽ ان جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني. اسپيڪر پيپس ۾ جديد پارلياماني علم جا ڪورسز متعارف ڪرائڻ کانسواءِ اداري جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي ??رو??ت تي زور ڏنو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چ??و ته عوام جي بهترين مفاد ۾ قانونسازي جي صلاحيتن کي وڌائڻ جي لاءِ ??وجوان پارليامينٽرينز تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ??رو??ت آهي. اسپيڪر چ??و ته پيپس کي پنهنجو پاڻ کي قانونسازي ۽ قانون نويسي جي شعبن ۾ هڪ جديد درسگاهه طور متعارف ڪرائڻ گهرجي. اسپيڪر پيپس جي مختلف آفيسن جو پڻ دورو ڪيو ۽ پيپس جي اسٽيٽ آف دي آرٽ بلڊنگ کي ساراهيو. هن ان اميد جو اظهار ڪ??و ته مستقبل ۾ به هي ادارو پنهنجا هدف مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رکندو.