اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته گذريل حڪومت سياسي مخالفن کي بدترين انتقامي ڪاررواين جو نشانو بڻايو، چيو ويو ته شهباز شريف ڪڊني ۽ ليور انسٽيٽيوٽ ٺاهڻ تي 20 ارب رپيا لڳائي ڇڏيا ۽ ان تي مون کي نيب جي ??قوبت خاني ۾ رکيو ويو، پاڪستان ڪڊني ۽ ليور انسٽيٽيوٽ کي جلد مڪمل فعاليت جي هدايت ڪئي آهي، هي اس??تال رڳو پنجاب نه پر پوري پاڪستان جي لاءِ آهي، خواهش هئي ته هن سينٽر کي ٽرسٽ ۾ تبديل ڪريون. پاڪستان ڪڊني ۽ ليور انسٽيٽيوٽ جي ??وري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته خادم پنجاب هوندي 10 سالن ۾ اربين رپيا غريبن، يتيمن، بيواهن جي ??لاج تي لڳايا، هي سينٽر مستحق مريضن جي مفت علاج جي لاءِ ٺاهيو ويو، اداري ۾ رڳو 6 آپريشن ??ينٽر فعال جڏهن ته 14 بند پيل آهن، خواهش هئي ته پي ڪي ايل آئي کي ٽرسٽ ۾ تبديل ڪريون، هن سينٽر جي ??وري جو مقصد طبي سهولتن جو جائزو وٺڻ آهي، هي سينٽر رڳو پنجاب يا مخصوص ماڻهن جي لاءِ نه پر پوري پاڪستان جي ??وام لاءِ آهي جنهن جو افتتاح 2018ع ۾ ٿيو جتي غريبن جو علاج ??فت ٿيڻو هو جڏهن ته هاڻي بريفنگ تي خبر پئي ته غريب مريضن جا هتي رڳو 17 سيڪڙو ڪڊني ??را??سپلانٽ ٿيا ۽ 83 سيڪڙو اميرن جو هتي علاج ??يو، هي اس??تال مستحق مريضن جي مفت علاج جي لاءِ ٺاهي وئي هئي. هن چيو ته هتي پنجاب حڪومت جا وسيلا ۽ ٻيا فنڊز جمع ڪري هن سينٽر کي هڪ ٽرسٽ طور ٺاهڻ چاهيو پئي جتي غريبن جو مفت علاج ??ي سگهي، هتي صاحب حيثيت ماڻهو به ادائيگي ڪري ضرور پنهنجو علاج ڪرائين جڏهن ته اهي پنهنجو علاج دنيا جي ??ٺن ملڪن ۾ به ڪرائي سگهن ٿا. هي اس??تال هتي اميرن ۽ غريبن جي فرق کانسواءِ علاج جي ??هولت لاءِ ٺاهي وئي هئي. بطور پنجاب جي وڏي وزير اربين رپين جي مستحقين جي ڀارت ۽ چين ۾ ليور ۽ ڪڊني ??را??سپلانٽ جي لاءِ مالي مدد ڪئي، ڪڊني ??را??سپلانٽ جي لاءِ ڀارت ۽ چين اسان جا مريض وڃي رهيا هئا اسان ڏيڍ کان ٻن سالن ۾ پرڏيهي ناڻو ٻاهر وڃڻ کان روڪڻ جي لاءِ هي اس??تال ٺاهي، ڊاڪٽر سعيد اختر ۽ سندس ٽيم جي گڏيل ڪوششن ??ان هي اس??تال ٺهي. فيصل ڊار جهڙي قابل معالج کي هتي آڻي هن اس??تال کي فعال ڪيو. هن اس??تال جي ٺاهڻ تي چيو ويو ته ان تي شهباز شريف 20 ارب رپيا لڳايا، ان تي نيب پڇاڳاڇا به ڪئي ۽ عقوبت خاني ۾ به رکيو پر هڪ رپئي جي ڪرپشن ??ابت نه ٿي، اس??تال جي ??ملي آمريڪا مان هڪ مخصوص ڪمپني جا اوزار گهرائڻ جو چيو ته ان جي لاءِ ڪراچي جي هڪ صاحب حيثيت کان 9 ڪروڙ رپيا عطيو وٺي اوزار هن اس??تال جي لاءِ گهرايا. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪڊني ۽ ليور ??را??سپلانٽ جا اهڙا مريض جيڪي مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ غيرقانوني ??را??سپلانٽ مرڪزن جتي حفاظتي تدبيرون به اختيار نه ٿيون ڪيون وڃن اتي ??را??سپلانٽ ڪرائڻ تي مجبور هئا. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي ??ڪومت جو منصوبو هجڻ جي ڪري ان کي جيڪڏهن ذاتي عناد جو شڪار بڻايو وڃي ته اها افسوس جوڳي ڳالهه آهي، هاڻي ان جي نگراني ڪئي ويندي. هن چيو ته هن سينٽر کي مڪمل فعال ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي حڪم ڏئي ڇڏيا آهن، اسان پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿينداسين.