اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??ر??ار?? معلومات ليڪ ڪندڙ بدعنوان نيب اهلڪار جي سزا برقرار رکي آهي. صدر نيب اهلڪار جي ڪرپشن جي لاءِ سر??ار?? معلومات ليڪ ڪرڻ تي سزا جي خ??اف اپيل رد ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نيب سر??ار?? راز ظاهر ڪرڻ جي ڪيسز ۾ ملوث ٻين آفيسرن جي خ??اف پڻ ڪارروائي ڪري، افسوس جو بدعنواني جي خاتمي لاءِ ذميوار اداري نيب جي اندر ئي ڪرپشن ڪئي وئي، تفصيل موجب نيب جي اسسٽنٽ پرائيويٽ سيڪريٽري (بي ايس 16)، نعمان اقبال، غيرقانوني طور تي غيرمجاز ماڻهن کي سر??ار?? معلومات ڏني، انڪوائري ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي اهلڪار کي 5 سال جي لاءِ هيٺئين پوسٽ تي تنزلي جي سزا ڏني وئي. نيب اهلڪار سزا جي خ??اف صدر کي اپيل داخل ڪري رکي هئي. نيب ڪراچي سورس رپورٽ جي بنياد تي انڪوائري جي اپيل ڪندڙ جي موبائيل مان ڳجهو رڪارڊ مليو. نيب اهلڪار جي فون جي فرانزڪ تجزيي ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ دستاويزن سان پڻ ڏوهه ثابت ٿيو. نيب نعمان اقبال جي خ??اف قانوني ڪارروائي شروع ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي. انڪوائري ڪميٽي درخواستگذار کي بدانتظامي ۽ سر??ار?? راز ظاهر ڪرڻ جي الزام ۾ قصوروار قرار ڏنو. نعمان اقبال نيب اييمپلائيز سروسز رولز تحت صدر کي سزا جي خ??اف اپيل داخل ڪئي. صدر چيو ته نيب اهلڪار فيصلي جي خ??اف ڪو معقول سبب يا اضافي جواز فراهم نه ڪيو، اهڙي ماڻهو جي لاءِ 5 سال جي سزا انصاف نه آهي، سزا وڌيڪ سخت هجڻ گهرجي ها. صدر اپيل رد ڪندي چيو ته نيب معاملي ۾ ملوث بين آفيسرن جو قصور ثابت ٿيڻ تي انهن کي دوکيبازي، ملڪ جو تشخص خراب ڪرڻ تي سزا ڏي.