اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف راول چوڪ فلائي اوور منصوبو پهرين سيپٽمبر تائين مڪ??ل ڪرڻ ۽ منصوبي ۾ دير جو سبب بڻجندڙ ڪمپنين کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو ا??هار وزيراعظم محمد شهباز شريف راول چوڪ فلائي اوور منصوبي جو دورو ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم کي منصوبي تي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي. وزيراعظم شهباز شريف ترقيايت منصوبن کي مڪ??ل ڪرڻ ۾ د??ر تي ڪا??ڙ جو ا??هار ڪندي انهن کي وقت سر ۽ جلد کان جلد مڪ??ل ڪرڻ جي هداي ڪئي. هن چيو ته ترقياتي منصوبن ۾ ٿرڊ پارٽي ويلي ڊيشن کي يقيني بڻايو وڃي ۽ منصوبن کي مڪ??ل ڪرڻ ۾ دير جو سبب بڻجندڙ ڪمپنين کي بليڪ لسٽ ڪيو وڃي. هن چيو ته قومي وسيلن جي زيان ۽ ترقياتي منصوبن ۾ دير کي برداشت نه ڪيو ويندو. پراجيڪٽ انتظاميا پاران بريفنگ ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي ٻڌايو ويو ته راول چوڪ فلائي اوور منصوبي ۾ بنا سبب جي دير ڪئي وئي ته جيئن ان جي لاڳت کي وڌائي سگهجي جڏهن ته وفاقي گادي واري شهر ۾ ٻين منصوبن جا ٺيڪا ايف ڊبليو او ۽ اين ايل سي کي ڏنا ويا آهن ته جيئن انهن کي وقت سر مڪ??ل ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته ترقياتي منصوبن کي وقت سر مڪ??ل ڪيو وڃي. هن چيو ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان جڏهن به اسلام آباد آيس ته ترقياتي منصوبن جي سستي کي ڏسي افسوس ٿيو. ان حوالي سان لاڳاپيل عملدارن کي خصوصي ڌيان ڏيڻو پوندو ڇو ته غريب قوم جي پئسي جي زيان کي برداشت نه ڪيو ويندو. هن هدايت ڪئي ته ذميواري جي احساس کي يقيني بڻايو وڃي، ٿرڊ پارٽي ويلي ڊيشن کي يقيني بڻائي منصوبن جي شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم راول چوڪ فلائي اوور منصوبي جي ٿرڊ پارٽي ويلي ڊيشن کي هدايت ڪندي ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏنو ۽ ان جي انڪوائري ڪرائي وڃي ته جيئ?? دير جا سبب معلوم ڪري سگهجن ۽ ذميوارن کي سزا ڏئي سگهجي. وزيراعظم منصوبي جي د??ر تي افسوس جو ا??هار ڪندي چيو ته هڪ ننڍو منصوبو به ٻن سالن ۾ مڪمل نه ٿي سگهيو جڏهن ان عرصي ۾ ته ميگا پراجيڪٽ مڪمل ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم شهباز شريف منصوبي جي لينڊ اسڪيپنگ بابت پڻ پڇيو ۽ چيو ته ان جي لينڊ اسڪيپنگ کي به يقيني بڻايو وڃي. هن منصوبي کي پهرين سيپٽمبر 2022ع تائين لازمي مڪ??ل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته منصوبي جي ڪوالٽي تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو. واضح رهي ته راول چوڪ فلائي اوور منصوبي جي شروعات آڪٽوبر 2020ع تيي ٿي هئي ۽ ان کي ٻن سالن ۾ مڪمل ٿيڻو هو. منصوبي جي دير جي سببن کي ختم ڪندي ان کي وقت سر مڪ??ل ڪيو وڃي. وزيراعظم شهباز شريف ترقياتي منصوبن جي دير کي برداشت ناهي ڪندو ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن منصوبي جي د??ر تي ڪا??ڙ جو ا??هار ڪيو. منصوبي تي 48 سيڪڙو ڪم ٿي چڪو آهي.