اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? وفاقي ڪابينا جي لاءِ خواجه محمد آصف، احسن اقبال، راڻا ثناءُ الله، سردار اياز صادق، راڻا تنوير حسين، خرم دستگير خ??ن، مريم اورنگزيب، خواجه سعد رفيق، مفتاح اسماعيل، ميان جاويد لطيف، رياض حسين پيرزاده، مرتضيٰ جاويد عباسي، اعظم نذير تارڙ، سيد خورشيد احمد شاهه، سيد نويد قمر، شيري رحم??ن، عبدالقادر پٽيل، شازيه مري، سيد مرتضيٰ محمود، ساجد حسين طوري، احسان الرحمان مزاري، عابد حسين، اسد محمود، عبدالواسع، مفتي عبدالشڪور، محمد طلحيٰ محمود، سيد امين الحق، سيد فيصل علي س??زواري، محمد اسرار ترين، نوابزاده شاهه زين بگٽي ?? طارق بشير چيما جي نالن جي بطور وفاقي وزير منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، حنا رباني کر ۽ عبدالرحمان خان ڪانجو جي بطور مملڪتي وزير مقرري جي منظوري ڏني. ان سان گڏوگڏ صدر قمر زمان ڪائره ۽ انجنيئر امير مقام ۽ عون چوڌري جي بطور ايڊ??ائ??زر مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. صدر حلف برداري جي تقريب کان اڳ انهن نالن جي منظوري ڏني.