اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اسلامي ترقياتي بئنڪ (آءِ ڊي بي) گروپ جي صدر ڊاڪٽر محمد الحبير چيو آهي ته افغا??ست??ن جي عوام جي امداد لاءِ اسلامي تعاون تنظيم ۽ امداد ڏي??دڙ ملڪن ۽ ادارن کانسواءِ عالمي برادري جي ٺوس ڪوششن جي ضرورت آهي، پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن اها ڳالهه اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي چئي. هن او آءِ سي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ واپاري لنگهن جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته اسلامي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي. اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر افغا??ست??ن جي لاءِ هيومنٽرين ٽرسٽ قائم ڪرڻ جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته اهو افغا??ست??ن جي عوام سان او آءِ سي پاران يڪجهتي جو اظهار آهي، ان فنڊ جي آپريشنل ٿيڻ سان افغا??ست??ن ۾ انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. اسان جي ڪوشش هوندي ته فنڊز جي ذريعي ملندڙ عطين ۽ امداد جو شفاف استعمال يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته افغا??ست??ن جي عوام جي امداد جو ڪم ڪو اڪيلو ادارو يا ملڪ اڪيلي طور نه ٿ?? ڪري سگهي، ان ڏس ۾ عالمي برادري کي افغان عوام جي مدد لاءِ اڳتي اچڻو پوندو، اسلامي ترقياتي بئنڪ گذريل ڊسمبر کان مسلسل ٻطرفي ترقيات?? حصيدارن ۽ امداد ڏي??دڙ ملڪن ۽ ادارن سان ان ڏس ۾ مشاورت ڪري رهي آهي. هن چيو ته افغا??ست??ن جي لاءِ هيومنٽرين ٽرسٽ فنڊ تحت افغا??ست??ن جي ڳوٺاڻن علائقن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو ڇو ته 75 سيڪڙو افغان ڳوٺاڻن علائقن ۾ رهن ٿا. ڳوٺاڻن ۾ علائقن ۾ زرعي پيداوار ۾ اضافي، ڇوڪرين جي تعليم، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ بجلي ۽ ٻين بنيادي ضرورتن جي فراهمي کي ترجيح ڏني ويندي. اهڙي طرح افغا??ست??ن ۾ انساني همدردي جي بنياد تي امدادي ڪمن ۾ نجي شعبي جي شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پڻ قدم کنيا ويندا. اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر چيو ته افغا??ست??ن جي عوام جي امداد لاءِ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن، عالمي امدادي ۽ ترقياتي ادارن ۽ عالمي برادري کي اڳتي وڌڻو پوندو. اسلامي ترقياتي بئنڪ سمورن حصيدارن ۽ عالمي برادري سان گڏجي افغا??ست??ن جي عوام جي امداد لاءِ پرعزم آهي. هن افغا??ست??ن جي لاءِ هيومنٽرين ٽرسٽ فنڊ ۽ اسلامي ڪانفرنس تنظيم جي وزارتي اجلاس جي ميزباني تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا.