بيجنگ – 06 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين خطي جي امن، استحڪام ۽ تر??ي جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو، ٻنهي ملڪن افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري تي فوري قدمن تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان چين جي صدر شي جن پنگ سان بيجنگ ۾ عظيم عوامي هال ۾ ملاقات ڪئي. اها وزيراعظم عمران خان جي آڪٽوبر 2019ع ۾ چين جي دوري کانپوءِ پهرين ملاقات هئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪ چين ٻطرفي تعاون جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ خوشگوار ماحول ۾ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان بيجنگ ۾ 24 هين اولمپڪ سرمائي گيمز جي ڪامياب ميزباني تي چين جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني ۽ چين جي نئين سال جي شروعات تي نيڪ خواهشن جو اظ??ار ڪيو. وزيراعظم عمران خان واضح ڪيو ته چين پاڪستان جو ثابت قدم دوست، ڀروسي جوڳو حامي ۽ مضبوط ڀاءُ آهي، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سدا ب??ار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري سدائين آزمائش جو مقابلو ڪيو ۽ ٻئي ملڪ پنهنجي ويزن، خوشحالي، تر??ي ۽ امن ۽ استحڪام جي گڏيل خواهش کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ گڏ بيٺل رهيا. وزيراعظم عمران خان چيني صدر کي عوام جي محور تي ٻڌل جيو اڪنامڪ سوچ ۽ ان جي حڪومت جي پاڪستان ۾ پائيدار تر??ي، صنعتي تر??ي، زراعت ۾ جدت آڻڻ ۽ علائقائي رابطن بابت پاليسين کان آگاهه ڪيو. هن پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي تر??ي جي لاءِ چين جي تعاون ۽ مدد کي سار??هي?? جنهن ۾ سي پيڪ جي اعليٰ معياري تر??ي مان فائدو کنيو ويو آهي. وزيراعظم سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ چيني سيڙپڪاري ۾ اضافي جي آجيان ڪئي جنهن جو محور انڊسٽريلائيزيشن ۽ عوام جي زندگي جي معيار ۾ بهتري آهي. وزيراعظم عمران خان چين جي صدر کي دنيا ۾ وڌندڙ قطبيت کان آگاهه ڪيو جنهن سان عالمي تر??ياتي هدف حاصل ڪرڻ ۽ اسرندڙ ملڪن جي لاءِ سنگين خطرا پيدا ٿيا آهن. هن موسمياتي تبديلي، صحت، قدرتي آفتن ۽ وڌندڙ عدم برابري جهڙن چئلينجز کي پڻ اجاگر ڪيو جن سان رڳو گڏيل قومن جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن موجب سمورن ملڪن جي غيرمشروط تعاون کي منهن ڏئي سگهجي ٿو، ان سلسلي ۾ هن چيني صدر جي بيلٽ اينڊ روڊ ۽ گلوبل ڊيولپمينٽ انيشيٽيو کي سار??هي?? جيڪو پائيدار تر??ي ۽ هدفن جي ڪاميابي لاءِ گڏيل قدم قرار ڏنو وڃي ٿو. وزيراعظم ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلسل ظلمن ۽ هندوتوا ذهنيت تي ٻڌل آر ايس ايس، بي جي پي جي اقليتن جي خلاف ظلم ۽ ڏاڍ کي اجاگر ڪيو جيڪو علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ خطرو آهي. هن چيو ته ڀارت جي مسلسل فوج ڪشيءَ علائقائي امن جي لاءِ خطرو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ حصيداري خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو سهارو آهي. هن چين پاران پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت، آزادي ۽ قومي تر??ي جي اڻٿڪ حمايت کي سار??هي??. وزيراعظم عمران خان سمورن اهم معاملن تي چين جي مڪمل حمايت جي پاڪستان جي عزم کي ورج??يو. ڌرين ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان سان خطي ۾ معاشي تر??ي ۽ رابطن کي فروغ ملندو. هنن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغانستان جي فوري مدد ڪري. ٻنهي اڳواڻن صنعتي، خلائي ۽ ويڪسين جي فراهمي سميت ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحن کي سار??هي??. ٻنهي اڳواڻن نئين دور ۾ گڏيل مستقبل جي لاءِ پاڪ چين ڪميونٽي جي تعمير جي عزم کي ورج??يو. وزيراعظم عمران خان چين جي صدر شي جن پنگ کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.