اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) افعانستان جي صورتحال تي ا?? آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 17 هين اجلاس کي خطاب ڪندي عالمي اڳواڻن افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ علائقائي ۽ عالمي تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي پاڪستان پاران ان ڪانفرنس جي ميزباني جي آجيان ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته افغانستان ۾ معاشي صورتحال تمام خراب آهي، افغانستان جي عوام ا??ان جي مدد جي منتظر آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ پاڪستان جي ميزباني ۾ منعقد ٿيندڙ اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 17 هين اجلاس جي ا??تتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ا?? آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ابراهيم حسين طحيٰ خطاب ڪندي سعودي عرب جي تجويز ۽ پاڪستان جي ميزباني ۾ افغانستان جي مسئلي تي اجلاس طلب ڪرڻ کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته او آءِ سي جا اجلاس منعقد ڪرڻ جي لاءِ بهترين انتظام ساراهه جوڳا آهن. هي اجلاس گهرائڻ پاڪستان جو افغان بحران جي حل جي عزم جو ورجاءُ آهي. هن چيو ته ا??ان افغانستان جي تيزي ??ان بدلجندڙ صورتحال تي نظر رکي آهي ۽ علائقائي ا??ن ۽ سلامتي ۽ ترقي جي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ علائقائي تعاون جي ضرورت آهي، سمورا ميمبر ملڪ پنهنجون صلاحيتون امن، سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ وقف ڪن، او آءِ سي سدائين افغان مسئلي تي مضبوط موقف اختيار ڪيو آهي، افغانستان ۾ امن خطي جي لاءِ اهم ضرورت آهي، هي اجلاس افغانستان جي مدد جي لاءِ ڪامياب ثابت ٿيندو. افغانستان جي لاءِ انساني ا??داد جي جيتري اڄ ضرورت آهي اڳ ۾ ئي نه هئي. سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود چيو ته او آءِ سي اجلاس منعقد ڪرڻ ۽ بهترين انتظامن تي پاڪستان کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، پاڪستان ايتري گهٽ عرصي ۾ اجلاس منعقد ڪيو، او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي هن اهم ترين اجلاس کي منعقد ڪرڻ تي پاڪستان جا ٿورائتا آهيون، اجلاس ۾ شرڪت تي ا?? آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ۽ ٻين ميمبرن ??و ٿورائتو آهيان. سعودي پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان ۾ عورتن ٻارن ??ميت عوام مشڪلات جو شڪار آهي، افغانستان ۾ معاشي صورتحال تمام خراب آهي، افغانستان جي عوام ا??ان جي مدد جي منتظر آهي، سعودي عرب افغانستان جي مسئلن کي سمجهي ٿو. هن چيو ته افغانستان جي معاملي کي ا??ساني بن??اد?? تي ڏسڻو پوندو. ا??ان افغانستان ۾ امن جا خواهشمند آهيون، افغانستان ۾ مالي بحران شديد ٿي ويو آهي. هن اپيل ڪئي ته عالمي ادارا افغان عوام جي مدد ڪن. ايشيا گروپ آف او آءِ سي ميمبر ملڪن پاران ترڪيءَ جي پرڏيهي وزير ميولود چاوش اولو ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ا??ان افغانستان جي عوام ??ان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا جيڪا هن وقت مشڪل حالتن ۾ ورتل آهي. هن چيو ته افغانستان جي 23 ملين عوام کي بک درپيش آهي. ترڪ پرڏيهي وزير افغانستان ۾ انساني بحران کي روڪڻ جي لاءِ پاڪستان، او آءِ سي ۽ اسلامي ترقياتي بئنڪ جي ڪوششن ۽ ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته افغانستان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ گڏيل قدم لازمي آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته او آءِ سي کي يو اين ايڇ سي آر ۽ ٻين عالمي ادارن ??ان گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ته جيئن افغانستان ۾ انساني همدردي تحت امداد جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته افغانستان جي موجوده صورتحال ۾ طالبان ??ان گڏجي به ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن افغانستان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان، ازبڪستان، انڊونيشيا ۽ ٻين ايشيائي ملڪن جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو مقصد پاڪستان جي ا??هن ڪوششن جو حصو آهي جنهن جو مقصد افغانستان جي موجوده صورتحال طرف عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائڻ آهي ته جيئن ڊگهي جنگ ۽ گهرو ويڙهه کان متاثر ملڪ کي ڪنهن به انساني بحران کي روڪي سگهجي. اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن ??ي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس جو بن??اد?? مقصد مسلمان امت پاران افغانستان جي عوام ??ان يڪجهتي جو اظهار آهي جڏهن ته انهن کي ا??ساني بن??اد?? تي ا??غانستان کي ا??داد جي فراهمي لاءِ ٺوس قدم کڻڻا آهن. هن ڪانفرنس کي منعقد ڪرڻ ??ان دنيا کي ا??و باور ڪرايو ويو آهي ته افغانستان جي موجوده صورتحال رڳو هڪ انساني ا??ميي کي جنم نه ٿي ڏئي سگهي پر ان جي نتيجي ۾ خطي ۽ عالمي ا??ن ۽ سلامتي کي سنگين خطرا ٿي سگهن ٿا. ريجنل عرب گروپ پاران اردن جي پرڏيهي وزير ايمن الصفدي خطاب ڪندي چيو ته او آءِ سي جو اجلاس گهرائڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ سعودي عرب جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، افغانستان جي عوام خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهي، افغانستان هن وقت انساني بحران جي ويجهو آهي، افغان عوام جي سلامتي جي لاءِ قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته افغانستان جي ترقي جي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، افغان بحران خطي کي متاثر ڪري سگهي ٿو، افغانستان ۾ بحران مسلمان امت جي لاءِ چئلينج آهي. اردن افغانستان جي مدد جي لاءِ تيار آهي، افغانستان جي مدد جي لاءِ قدم ضروري آهن. او آءِ سي ڌرين جي گروپ پاران نائجير جي پرڏيهي وزير يوسف محمد خطاب ڪندي چيو ته افغانستان جي مسئلي تي اڄ جو غيرمعمولي اجلاس خوش آئنده آهي، اجلاس گهرائڻ تي پاڪستان جا ٿورا مڃون ٿا، افغانستان جي عوام جي هر ممڪن مدد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته افغان ڀينرن ۽ ڀائرن ??ي مدد جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين، افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي نظر رکيل آهي. اسلامي ترقياتي بئنڪ جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد سلمان الجاسر خطاب ڪندي چيو ته اڄ ا??ان افغان ڀينرن ۽ ڀائرن ??ان يڪجهتي جي اظهار لاءِ گڏ ٿيا آهيون، افغانستان کي اڄ ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، افغانستان کي ا??ساني بن??اد?? تي ا??داد فراهم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته ا??ان جي پهرين ترجيح خوراڪ ۽ تعليم جي لاءِ امداد فراهم ڪرڻ آهي، نئين سر تعمير ذريعي ا??غانستان کي مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، افغانستان جي ڳوٺاڻن علائقن کي زرعي شعبي جي لاءِ سهولتون ڏينداسين، ڪو به اڪيلو ملڪ افغانستان جو مسئلو حل نه ٿو ڪري سگهي. گڏيل قومن جي ا??ساني حقن بابت ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مائيڪل گرفٿ خطاب ڪندي چيو ته لکين ٻا?? افغانستان ۾ تعليم کان محروم آهن، افغانستان ۾ استاد پگهارن کان محروم آهن. هن چيو ته افغانستان ۾ بئنڪنگ جي نظام کي بحال ڪرڻو پوندو، افغانستان جي معيشت بحران جو شڪار آهي، افغانستان جي مسئلي جي حل لاءِ سڀ گڏ ٿيا آهيون، گڏيل قومون افغان مسئلي تي ا?? آءِ سي جي ڪوششن جو ساٿ ڏيندي.