اسلام آباد – 03 ڊ??مب?? (اي پي پي) پاڪستان انساني همدردي جي بنياد تي واهگا بارڊر جي ر??تي ڀارت کان 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ۽ زندگي بچائيندڙ دوائون افغان ٽرڪن جي ذريعي افغانستان منتقلي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان انساني همدردي جي بنياد تي افغان عوام کي وڌيڪ سهولت فراهم ڪرڻ جي غرض س??ن ڀارت کان 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ۽ زندگي بچائيندڙ دوائو?? واهگا بارڊر ۽ طورخم جي ر??تي افغان ٽرڪن جي ذريعي افغانستان منتقلي جي اجازت ڏيڻ جو في??لو ڪيو آهي جيڪو مجوزه انساني امداد ۾ سهولت جي فراهمي لاءِ حڪومت پاڪستان جي عزم ۽ سنجيدگي جو ثبوت آهي. ان في??لي سان پرڏيهي وزارت ۾ ڀارتي ناظم الامور کي آگاهه ڪيو ويو. ڀارتي حڪومت تي به زور ڏنو ويو ته هو افغانستان کي انساني امداد جي فراهمي ۾ تيزي آڻڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي.