اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معاشي سرگرمين جي فروغ لاءِ بهتر ۽ گهٽ لاڳ?? جي بنيادي ڍانچي جي تعمير جي لاءِ پرعزم آهيون، سيالڪوٽ – کاريان موٽروي منصوبو گيم چينجر ث??بت ٿيندو، مل?? جي قيمتي مالي وسيلن جي بچ?? جي لاءِ معياري ۽ گهٽ لاڳت جا رستا تعمير ڪيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيالڪوٽ – کاريان راولپنڊي موٽروي جي حوالي سان اج??اس کي خطاب ڪندي ڪيو. اج??اس ۾ مواصلات ??ار?? وفاقي وزير مراد سعيد، منصوبابندي ۽ ترقي ??ار?? وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جي ناڻي ??ار?? صلاحڪار شوڪت فياض ترين ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسان جو مقصد ملڪ ۾ اقتصادي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ بهتر ۽ گهٽ لاڳت رستا تعمير ڪرڻ آهي، سيالڪوٽ – کاريان موٽروي جي راولپنڊي تائين توسيع جو منصوبو گيم چينجر ث??بت ٿيندو ۽ ان سان علائقي ۾ سامان ۽ خدمتن جي موثر چرپر کي يقيني بڻائي سگهبو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اين ايڇ اي نه رڳو وڌيڪ نوان رستا ٺاهي رهي آهي پر بهتر معيار ۽ گهٽ لاڳ?? جي رستن جي تعمير لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته 1753 ڪلوميٽر جي نئين رستن جا منصوبا شروع ڪيا ويا آهن. چئن ڦاڪن ??ار?? رستو 17 ڪروڙ رپيا في ڪلو ميٽر جي حساب سان تعمير ڪيو پيو وڃي جڏهن ته اڳوڻي حڪومتن جي دورن ۾ اهو رستو 37 ڪروڙ رپيا في ڪلو ميٽر جي حساب سان تعمير ڪيو ويندو هو. تازو ئي شروع ٿيندڙ سيالڪوٽ – کاريان موٽروي اڳوڻي حڪومت پاران تعمير ڪئي ويندڙ سيالڪوٽ – لاهور موٽروي کان 10 ڪروڙ رپيا في ڪلوميٽر گهٽ لاڳت سان تعمير ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته مل?? جي قيمتي مالي وسيلن کي بچائڻ لاءِ گهٽ کان گهٽ ممڪن لاڳت تي معياري انفراسٽرڪچر جي تعمير جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن.