اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته برطانوي عدالتن ريحام خان کي ذلفي بخاري تي ??وڙن الزامن تي هرجاڻي ۽ معافي گهرڻ ??و حڪم ڏنو، اهڙي طرح جو قانوني نظام پاڪستان ۾ آڻڻ جي ڪوشش کي اظهار راءِ جي آزادي جي خلاف چئي ميڊيا مالڪ مهم شروع ڪري ڇڏيندا آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چ??و ته بحرحال ريحام جو ڪوڙو هجڻ هڪ دفعو ٻيهر ثابت ٿيو، اصل ۾ هو عادي ڪوڙي آهي. وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ريحام خان کي ان ٽوئيٽ جو به حوالو ڏنو جنهن ۾ ريحام خان ذلفي بخاري تي لڳايل الزامن تي معافي نامو شيئر ڪيو، پنهنجي معافي نامي ۾ ريحام خان چ??و ته مون 6 ۽ 7 ڊسمبر 2019ع تي پنهنجي يوٽيوب چئنل، فيس بڪ پيج ۽ پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي ذوالفقار عباس بخاري تي روز ويلٽ هوٽل کي گهٽ قيمت تي وڪرو ڪرڻ ??ي حوالي سان الزام لڳايا هئا جيڪي غلط ۽ ڪوڙا هئا. ريحام خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ 7 ڊسمبر 2019، 15 ما??چ 2020ع، 17 ما??چ 2020ع ۽ 23 ما??چ 2020ع تي ذلفي بخاري تي لڳايل الزامن تي به چ??و ته اهي غلط ۽ ڪوڙا هئا. هن ذلفي بخاري تي لڳايل الزامن تي غير مشروط معافي گهري ۽ هتڪ عزت ۽ قانوني خرچن جي مد ۾ رقم ادا ڪرڻ ??ي به اتف??ق ڪيو آهي.