اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرپشن جو سج طلوع ڪندڙ لنڊن ۾ غروب ٿي چڪا آهن، شهباز شريف پارٽي جي اندر ٿيندڙ ناانصافي جي ڪاوڙ غيرآئيني ۽ غيرجمهوري مطالبا ڪري نه ڪڍي، شهباز شريف اڳ ۾ طئي ڪري وٺي ته هو پارٽي جي ”اندر“ آهي يا وڏي ميان پنهنجن جي ذريعي ”ٻاهر“ ڪري ڇڏيو آه??، پي ايم ايل اين جي سياست کي وڏي ميان صاحب ۽ سندس ڌيءَ دفن ڪري ڇڏيو آهي، اهي پاڪستان جي عوام کي بيوقوف نه ٿا بڻائي سگهن، جيڪڏهن اهي اقتدار ۾ هجن ته حڪومت آئيني مدو پورو ڪري، عوام جيڪڏهن اقتدار عمران خ??ن کي ڏي ته انهن کي برداشت نه آهي. شهباز شريف ۽ مول??نا فضل الرحمان جي پر??س ڪانفرنس تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جن کي سرڪاري وسيلن ۽ پر??ٽوڪول استعمال ڪرڻ جي ڏهاڪن تي ٻڌل عادت لڳل هجي ته اهي اقتدار ۽ اختيار کانسواءِ ائين ئي تڙپندا آهن جيئن مڇيءَ پاڻي کانسواءِ. جيڪڏهن ملڪ ۾ اڄ مهانگائي آهي ته ان جو سبب توهان جي اربن کربن جي ڪرپشن ۽ غيرملڪي قرض آهن جيڪي توهان ذاتي مفاد جي لاءِ وٺندا رهيا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مول??نا پنهنجي سياسي اناءَ جي تسڪين لاءِ جمهوري نظام سان نه کيڏي، انهن کي اڳوڻي دور ۾ قومي اسيمبلي ۾ ڪيل پنهنجي تق??ير ڇو ياد نه اچي رهي آهي؟ پنهنجي هڪ پليٽ حلوي جي لاءِ پوري ديڳ ڇو اونڌي ڪرڻ چاهي ٿو؟ چوڌري فواد حسين چيو ته نواز شريف پنهنجي ڀاءُ ۽ مريم نواز پنهنجي چاچي شهباز شريف سان اهو ئي سلوڪ ڪري رهيا آهن جيڪو زرداري ۽ بلاول گڏجي مول??نا فضل الرحمان سان سان ڪيو آهي. مول??نا کي پنهنجي اها عزت افزائي ڪڏهن نه وسارڻ گهرجي، مول??نا صاحب ۽ شهباز شريف گڏجي متاثرين جي لاءِ انجمن ٺاهين.