اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته هاڻي پ??ڪس??ان جنگ ۾ نه امن ۾ حصيدار رهندو، پ??ڪس??ان آئنده به افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ ڪوششون جاري رکندو، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 80 هزار جانين جون قربانيون، 150 ارب ڊالر جو معاشي نقصان ٿيو، دنيا کي ان جو اعتراف ڪرڻو پوندو، گڏيل قومن جي رپورٽ موجب 9 ملين افغان غربت جي هيٺين سطح کان به هيٺ آهن، ان تي دنيا کي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي،
هو گلوبل پيس چين جي اهتمام هيٺ ”افغانستان جي نئين سر تعمير تي گول ميز ڪانفرنس“ کي خطاب ڪري رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پ??ڪس??ان دنيا جو واحد ملڪ آهي جيڪو 4 ملين کان وڌيڪ افغان پناهگيرين جي ميزباني ڪري رهيو آهي، افغانين جو وڏو تعداد هاڻي به پ??ڪس??ان ۾ موجود آهي، جڏهن پاڙيسري ملڪ ۾ باهه لڳل هجي ته چڻنگ توهان جي گهر ۾ به ايندي آهي، پرامن افغانستان ئي پرامن پ??ڪس??ان آهي، هن چ??و ته پاڙيسري ملڪ هجڻ جي ناطي افغان تجارت، علاج سميت هر مشڪل ۾ پ??ڪس??ان ڏانهن ڏسندا آهن. هن چ??و ته پ??ڪس??ان جي هٿياربند فوج، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن، انهن جي فنانسنگ ڪندڙ ۽ انهن جي نيٽ ورڪ کي ٽوڙي امن قائم ڪيو آهي،
هن چ??و ته وزيراعظم عمران خان وزيراعظم بڻجڻ کان پهرين به افغانستان مسئلي جي حل جي حوالي سان ڪليئر هو، هن سدائين افغان مسئلي جي س??اسي حل ۽ ڳالهين تي زور ڏنو، قطر ۾ طالبان جي س??اسي آفيس ٺهڻ کان پوءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي گڏجي ويهڻ جو موقعو مليو ۽ معاملن ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي، ان مشڪل مرحلي ۾ جيڪڏهن دنيا افغانستان کي اڪيلو ڇڏيو ته ان جا منفي نتيجا نڪرندا. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وچ ايشيائي رياستن تائين پهچ جو رستو افغانستان مان آهي، معاشي ترقي ۽ استحڪام به انهي ۾ آهي، هن چ??و ته دوحا ڳالهين ۾ ٿيندڙ 4 ڳالهين تي عمل ضروري آهي، افغانستان جي سرزمين ڪنهن به ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي.
افغانستان جي موجوده سياسي نظام ۾ انساني حقن جو خيال رکيو وڃي. هن چ??و ته پ??ڪس??ان افغانستان مان نڪرڻ ۽ انساني امادد جي افغانستان تائين پهچ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، دنيا کي ٻڌائي ڇڏيو ته پ??ڪس??ان هڪ ذميدار ۽ امن سان محبت ڪندڙ ملڪ آهي، هن چ??و ته افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت آهي، دنيا کلي دل سان ان کي تسليم ??ري?? اسان جي اها ئي ڪوشش رهي آهي ته افغانستان ۾ سمورين لاڳاپيل ڌرين جي متفقه حڪومت هجي، ته جيئن افغانستان ۾ خانه جنگي نه ٿئي ۽ گذريل 40 سالن کان افغانستان ۾ عدم استحڪام جو خاتمو ٿي سگهي. هن چ??و ته وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي تازي خطاب ۾ به انهي ڳالهه تي زور ڏنو ته دنيا افغانستان کي پنهنجو ??ري?? اتي جي ماڻهن جي مدد ڪري.