اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ??هي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي جي لعنت جي خاتمي لاءِ اليڪ??را??ڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) ٽيڪنالاجي جو استعمال مستقل حل ??هي ۽ ان سان چونڊن جي وڃايل ساک ٻيهر بحال ٿيندي، ??سان جي ملڪ ۾ چونڊن جي ضرورتن موجب روزاني جي بيناد تي 2 هزار کان وڌيڪ اي وي ايم مشينون تيار ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي، ??يڪي ماڻهو اي وي ايم جي مخالفت ڪري رهيا آهن انهن کي گهرجي ته چونڊن ۾ فراڊ کي روڪڻ لاءِ ڪا نئين تجويز ڏين. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي قيادت ۾ حڪومت اي وي ايم جي معاملن تي هر ڀيري مخالف ڌر کي ڳالهين جي دعوت ڏئي چڪا آهيون پر هنن ڪڏهن به ان معاملي کي سنجيده ناهي ورتو ۽ ناجائز اعتراض اٿاريا. فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ جي سياست جو بيناد صرف احتساب ۽ شفافيت آهي، ??نهي سلسلي ۾ موجوده حڪومت مستقبل ۾ چونڊن ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي رهي آهي، ??ي وي ايم جي مخالفت ڪندڙ ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف چونڊن جي خلاف آهن. هن چيو ته مخالف ڌر قومي يا عالمي ماهرن کي گهرائي اي وي ايم بابت پنهنجا خدشا ختم ڪري اسان کي ڪو به اعتراض نه آهي، ??ليڪشن ڪميشن اي وي ايم جي خلاف مزاحمت ڪرڻ بدران چونڊ پولنگ جي حق ۾ ڪم ڪري.