اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته فعال حڪمت عملي اختيار ڪندي م??ئل?? ڪيا وڃن ته جيئن پاڪستان سڌو سنئون غير ملڪي سيڙپڪاري کي م??وجهه ڪري راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جهڙن انهن جديد ۽ پائيدار ريئل اسٽيٽ منصوبن مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪري سگهي.
وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي (روڊا) ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ (سي بي ڊي)، والٽن بابت جائزي اجلاس جي صدارت ڪئي. روڊا جي م??تلف منصوبن ۾ شمسي توانائي سان هلندڙ قابل تجديد بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽ لڳائڻ، خصوصي اقتصادي زونز ۽ خصوصي ٽيڪنالجي زونز جو قيام، فيري آپريشنز جو آغاز، ناليج پارڪ ۽ رک جهک فارمز جو قيام شامل آهن. اهي سمورا منصوبا پنهنجي م??لي ضرورتن جي حوالي سان خودمختيار هوندا ته جيئن انهن جي پائيداري کي يقيني بڻائي سگهجي،
وزيراعظم کي آءِ ايم جي دبئي ٿيم پارڪ جي سهڪار سان پاڪستان جو سڀ کان وڏو ٿيم پارڪ بڻائ?? جي منصوبي تي به بريفنگ ڏني وئي. راوي ريور فرنٽ تي 2000 ڪينال زمين تي ٺهندڙ اهو منصوبو (آر يو ڊي اي) سيڙپڪارن کي م??وجهه ڪر?? جي لاءِ ايندڙ مهيني شروع ٿيندڙ دبئي ايڪسپو 2020ع ۾ نمائش جي لاءِ پيش ڪندو. وزيراعظم ملڪ جي سمارٽ، خود ڪفيل، صاف سٿري ۽ سبز گهرن ۽ ڪاروباري منصوبن جي فروغ جي لاءِ آر يو ڊي اي ۽ سي بي ڊي جي اهميت تي زور ڏنو،
وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو هڪ فعال حڪمت عملي اختيار ڪندي م??ئلن کي حل ڪن ته جيئن پاڪستان سڌو سنئون غير ملڪي سيڙپڪاري کي م??وجه ڪري ان جديد ۽ پائيدار ريئل اسٽيٽ منصوبن مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪري سگهي.