اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عو??تن کي خوفزده ڪرڻ جي خلاف تحفظ ۽ انهن کي وراثت جا حق فراهم ڪرڻ جي ضر??رت تي زور ڏيندي چيو آهي ته دنيا ۾ انصاف تي ٻڌل معاشرا ئي ترقي ڪندا آهن، پاڪستان ۾ به اجتماعي ڪوششن سان اهڙو معاشرو جوڙي سگهجي ٿو، محتسبين جي منصفاڻي فيصلن جي نتيجي ۾ سائلن خاص طور عو??تن کي پنهنجي شڪايتن جي ازالي جي حوالي سان حوصلا افزائي ٿيندي، ان حوالي سان ڀرپور آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضر??رت آهي،
هو ايوان صدر ۾ حراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محت??ب سيڪريٽريٽ جي اهتمام هيٺ حراسيت جي خلاف تحفظ ۽ عو??تن جي جائيداد جي حقن جي مناسبت سان هڪ سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو، وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر حراسيت جي خاتمي بابت وفاقي محتسب ڪشمالا طارق گڏيل ??وم?? جي اداري يو اين ويمن جي سربرهه شرميلا رسول به تقريب کي خطاب ڪيو، تقريب ۾ غير ملڪي سفارتڪارن، مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ۽ ٻين نمايان شخصيتن شرڪت ڪئي، صدر عو??تن کي هر قسم جي حراست کان تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ انهن کي وراثت جا حق فراهم ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته تاريخي لحاظ کان دنيا جي سڀني معاشرن ۽ خاص طور تي اولهه ۾ عو??تن جا حق غصب ڪيا ويندا رهيا آهن، پر اسلام 1400 سال اڳ عو??تن جي عزت ۽ تڪريم سان گڏ انهن جي حقن جي تحفظ جي ضمانت ڏني هئي.
هن چيو ته عو??تون فڪري صلاحيتن جي لحاظ کان ڪنهن به طرح ڪمزور نه آهن، تعليم ۽ شعور سان عو??تن جي لاءِ اڳتي وڌڻ جا موقعا وسيع ٿيا آهن، صدر چيو ته عو??تون پنهنجي صلاحيتن جي ڪري معاشري ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي آهي جيتوڻيڪ انهن کي هاڻي به معاشرتي تعصب درپيش رهندا آهن، هن حراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محت??ب سيڪريٽري جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته عو??تن کي ان حوالي سان به ڀرپور آگاهي ڏيڻ جي ضر??رت آهي ته جيئن هو پنهنجي خلاف ڪنهن به قسم جي نامناسب روين جي خاتمي ۽ پنهنجي حقن جي تحفظ لاءِ ان جي خدمتن مان فائدو وٺي سگهن. هن چيو ته عو??تن کي هر شعبي ۾ اڳتي آڻڻ جي لاءِ انهن کي مڪمل تحفظ جي خاطري ڏيارڻ ضر??ري آهي.
صدر معاشرتي براين کي روڪڻ لاءِ قانون جي موجودگي، ان تي عملدرآمد، سزا ۽ جزا جي صورتحال ۽ معاشرتي رد عمل جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته ان حوالي سان شعور ۽ مڪمل آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضر??رت آهي، هن ميڊيا ۾ معاشرتي ڪمزورين جي عڪاسي سان گڏوگڏ سٺي قدرن ۽ رويتن کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو. صدر عارف علوي سڀني محتسبن تي زور ڏنو ته هو جيترا سٺا فيصلا ڪندا اوترو ئي شهرين ۽ خاص طور تي عو??تن کي پنهنجي شڪايتن جي ازالي لاءِ انهن سان رجوع ڪرڻ جي حوالي سان حوصلا افزائي ٿيندي.
ان موقعي تي حراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محت??ب سيڪريٽريٽ جي ڪمن جي باري ۾ ڊاڪٽ??وم??نٽري جڏهن ته مختلف شعبن ۾ عو??تن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ٽيبلو به پيش ڪيو ويو.