اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 6 سيپٽمبر جو عظيم ڏينهن پنهنجي جانبازن، شهيدن ۽ غازين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي، قوم کي پنهنجي شهيدن تي سدائين فخر رهندو، جن ملڪ جي دفاع، سلامتي ۽ تحفظ جي ??اءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون، ڀارت پاڪستان ۽ علائقي جي امن کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڀارت ۾ اقليتن ۽ والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن تي ظلم ڪيو پيو وڃي، اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه ??مجهيو وڃي، اسان جي بهادر قوم ۽ مضبوط هٿياربند فوج ڪيترائي ڀيرا ثابت ڪيو آهي ته اسان ملڪ جي دفاع جي ڀرپور صلاحيت رکون ٿا ۽ ڪنهن به قسم جي جارحيت کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ هر وقت تيار آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي ??وقعي تي پنهنجي ??يغام ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته زندهه قومون آزمائشن مان گذري اڃا وڌيڪ مضبوط ٿينديون آهن. 1965ع ۾ جڏهن دشمن اسان جي آزادي ۽ بقاءَ کي پائمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڪستاني قوم مضبوط جبل وانگر ان جي آڏو ڄمي وئي. 6 سيپٽمبر تي ڀارت پاڪستان تي اڻ اعلانيل جنگ مڙهي ته پوري قوم وطن جي ??حافظن جي حمايت ۾ اٿي بيٺي، ڪيترائي ماڻهو پيادل ئي سرحدن طرف هلي پيا. قومي هم آهنگي ۽ يڪجهتي جي ان عظيم مظاهري اسان جي بهادر هٿياربند فوج جي جذبن کي اڃا به وڌيڪ مضبوط بڻائي ڇڏيو ۽ دشمن جي خلاف ان بي خوفي سان وڙهي ته دنيا ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي. اسان جي بهادر آفيسرن، جوانن ۽ پائليٽن دنيا تي ثابت ڪري ڇڏيو ته ملڪ جي ??ڪ هڪ انچ جي حفاظت جي ??اءِ هر وقت تيار آهي، ڀلي ان جي ??اءِ انهن کي ڪهڙي به قيمت ادا ڪرڻي پوي. اهي پنهنجي جان جي ??رواهه ڪرڻ کانسواءِ جرئت ۽ بهادري سان وڙهيا ۽ عظيم قربانيون پيش ڪندي ملڪ جي دفاع جو فرض نڀائڻ ۾ ڪامياب ٿيا. 6 سيپٽمبر جو عظيم ڏينهن هر سال اسان کي پنهنجي ??يروز، هٿياربند فوج جي جانبازن ۽ خاص طور تي انهن شهيدن ۽ غازين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، جيڪي سدائين کان قوم جي اميد ۽ فخر رهيا آهن. اسان ملڪ جي سلامتي ۽ تحفظ جي ??اءِ پنهنجون قيمتي جانيون قربان ڪندڙ قوم جي انهن بهادر فرزندن کي سلام پيش ڪريون ٿا. اسان شهيدن جي ??يمليز کي به خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جن پنهنجي ??يارن کي ملڪ تي نڇاور ڪري ڇڏيو. اڄ هي ڏينهن ملهائيندي آئون اهو چوندس ته دشمن ڪڏهن به پرامن گڏيل بقاءَ جو مظاهرو نه ڪيو. پر پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين ان پاڪستان تي ڪيتريون ئي جنگيون مڙهيون آهن. 1948ع، 1965ع يا 1971ع هجي ??ا ٻن ڏهاڪن تي ٻڌل دهشتگردي جي خلاف جنگ، پاڪستان جي اندر تخريبي سرگرميون هجن يا پوءِ سائبر وار فيئر جي ذريعي پروپئگنڊه، دشمن اسان جي خلاف ڪارروايون ڪندو آيو آهي، بدقسمتي سان ماضي ۾ ڀارت افعان سرزمين کي پاڪستان ۾ بدامني ۽ دهشتگردي جي ڪاررواين جي ??اءِ استعمال ڪندو رهيو. اڄ جي ڏينهن اسان انهن ڪڌا حربا اختيار ڪندڙ عنصرن جي ??ذمت ڪندي پنهنجي بهادر فوج کي خاص طور تي ملڪ جي ??اءِ انهن جي ??ازوال قربانين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. عالمي دنيا کي ان جارحاڻي رويي تي ڀارت کي ذميوار قرار ڏيڻ گهرجي. اسان کي فخر آهي ته اسان جي سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪري ڀارت جو اصل چهرو دنيا آڏو بي نقاب ڪيو آهي. دنيا ڄاڻي وئي آهي ته ڪهڙي طرح هو علائقائي ۽ خاص طور تي پاڪستان جي امن کي تباهه ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي. اسان جي حڪومت جي ??وثر پرڏيهي پاليسي جي ڪري عالمي برادري هاڻي ڄاڻي چڪي آهي ته ڪهڙي طرح ڀارتي حڪومت پوري ڀارت ۾ اقليتن ۽ والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن تي ظلم ڪري رهي آهي. اها ان ڳالهه کي تسليم ڪري ٿي ته امن جو واحد رستو ڪشمير مسئلي جو گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي ??راردادن موجب حل آهي. ڀارت کي جلد يا دير سان ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيڻو پوندو. اسان ڀارت جو انتهاپسنداڻو چهرو دنيا آڏو بي نقاب ڪندا رهنداسين. عالمي برادري جون معتبر ڌريون، امن جي ??اءِ اسان جي ڪوششن کي تسليم ڪري رهيون آهن. ان موقعي تي آئون هڪ ڀيرو ٻيهر اها ڳالهه واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته اسان جي امن جي خواهش کي اسان جي ڪمزوري هرگز نه ??مجهيو وڃي، پر هن خطي جي ??اڻهن جي خوشحالي ۽ بهتري جي ??اءِ ان جو جواب انهي مثبت انداز ۾ ڏيڻ گهرجي. اڄ جي ڏينهن آئون پنهنجي بهادر هٿياربند فوج کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته اسان يڪجهتي جو مظاهرو ڪندي پاڪستان جو دفاع مضبوط ۽ فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جي ??اءِ هڪ ڊگهو سفر طئي ڪيو آهي. اسان جي حوصلي واري قوم ۽ مضبوط هٿياربند فوج ڪيترائي ڀيرا اهو ثابت ڪيو آهي ته اسان ملڪ جي دفاع جي نه ??ڳو ڀرپور صلاحيت رکون ٿا پر ڪنهن به قسم جي جارحيت کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ هر وقت تيار آهيون. اچو، سيپٽمبر جنگ جي ??لولي انگيز جذبن کي پنهنجي دلين ۾ سدائين تازو رکون. اهو جذبو اڳتي درپيش سمورن چئلينجز ۾ سرخرو ٿيڻ جي ??اءِ ڪافي آهي. اچو، پنهنجي شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪندي ان وچن کي ورجايون ته اسان ملڪ جي دفاع، سلامتي ۽ بقاءَ جو تحفظ هر قيمت تي ڪندا رهنداسين. پاڪ فوج زندهه آباد، پاڪستان پائنده آباد.