اسلام آباد – 26 جون (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خا?? سان مختلف قومي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي ۽ پنهنجي پنهنجي تڪن جي مسئلن، جاري ترقياتي منصوبن ۽ بجيٽ معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ڪندڙن ۾ اطلاعات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو خاص معاون ??لڪ عامر ڊوگر، قومي اسيمبلي ميمبرن مخدوم زين حسين قريشي، اورنگزيب کچي، ناصر خان موسيٰ زئي، جئه پرڪاش هراڻي، لال چ??د، رميش ڪمار، فيض الحسن شاهه، حاجي امتياز ۽ محمد يعقوب شيخ شامل هئا.