اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي اهم ترجيحن ۾ آبي ذخيرن جي تعمير ۽ پن بجلي جا منصوبا شامل آهن، مهمند ڊيم منصوبو مڪمل ٿيڻ سان 800 ميگاواٽ پن بجلي، 12 لک ايڪڙ فوٽ ايڪڙ پاڻي ذخيرو ٿيندو جنهن سان 17 هزار ايڪڙ زمين آباد ٿيندي، ان منصوبي تي ڪم سيپٽمبر 2019ع ۾ شروع ٿيو جيڪو نومبر 2025ع ۾ مڪمل ٿيندو. وزيراعظم جي مهمند ڊيم جي دوري جي حوالي سان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان مهمند ڊيم س??ئي?? جو دورو ڪيو اتي جاري ڪم جو جائزو ورتو، فرخ حبيب ٻڌايو ته مهمند ڊيم ه??ئي??رو پاور پراجيڪٽ، ديامرڀاشا، داسو ه??ئي??رو پاور، ڪرم تنگي ڊيم ملٽي پرپز، تربيلا ففٿ توسيع، برپوه??ئي??رو پاور پراجيڪٽ، سنڌ بيراج پراجيڪٽ، گريٽر ڪراچي بلڪ واٽر سپلائي اسڪيم (ڪي ٽو فور) ڪڇي ڪينال پراجيڪٽ ۽ نئين گنجي پراجيڪٽ مڪمل ٿيڻ سان مجموعي طور تي ??ڪ ڪروڙ 29 لک ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو، 9 ه??ار ميگاواٽ پن بجلي جي پيداوار، 91 هزار 917 ايڪڙ اضافي زمينون آباد ۽ 35 هزار کان وڌيڪ نئين نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا.