غازي بروٿا – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت آبادگارن جي مسئلن جي حل لاءِ پرعزم آهي، آبادگارن سميت عوام کي ??ستي شمسي توانائي فراهم ڪئي ويندي، حڪومتي قدمن جا ثم?? جلد آبادگارن تائين پهچندا. آبادگارن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته جعلي زرعي دوائن وارن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪنداسين. هن چيو ته محنت آبادگار ڪندو آهي ۽ فائدو مڊل م??ن کڻندو آهي. اسان مڊل م??ن جي ڪردار ۾ گهٽتائي ۽ عوام کي فائدو پهچائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، هن چيو ته آبادگارن کي ??هڙي اگهه تي جنسون ورتيون وينديون آهن ان کان ڪيتري ئي وڌيڪ قيمت تي وڪرو ڪيون وينديون آهن. هن چيو ته اسان زرعي پيداوار وڌائڻ ۽ آبادگار طبقي جي مدد لاءِ منصوبابندي ڪري رهيا آهيون، آبادگارن کي ??سان قسطن تي قرض جي فراهمي جو جائزو ورتو پيو وڃي، هن چيو ته ٽيوب ويل کي ??ولر تي منتقل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون ان سان آبادگارن کي ??ستي بجلي دستياب ٿيندي.