اسلام آباد – 11 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي واپاري برادري تي زور ڏنو آهي ته هو ٽيڪسن جي ديانتداري سان ادائيگي ۽ ٽ??ڪس چوري جي روڪٿام يقيني بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪ??ي، مثبت معاشي انگن اکرن سان پاڪستان تر??ي جي راهه تي گامزن آهي، موجوده حڪومت جي پاليسين جي ڪري پاڪستان علامه محمد اق??ال جي ويزن موجب مسلمان امت جي قيادت ڪندو ۽ دنيا ۾ اهم ملڪ بڻجي اڀرندو، ملڪي تر??ي جي لاءِ صحت ۽ تعليم جي برابر موقعن سان ملڪ کي تر??ي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو، ڪاروباري شعبي ۾ عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي به حوصلا افزائي ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آءِ سي ايم جي ڪانووڪيشن 2020ع کي خطاب ڪندي ڪيو، صدر چيو ته مسلسل يادگيري ڪرائي رهيو آهيان ته ڪورونا وائرس جي وبا جو ٻيو مرحلو جاري آهي، وبا جي پکيڙ جي روڪٿام جي لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ ضروري آهي، ڪورونا وائرس جي وبا جي پهرين مرحلي ۾ ميڊيا آگ??هي فراهم ڪئي، ماڻهن احتياطي تدبيرن تي عمل ڪيو.